رند قلي بخش ڪي بي رند

رند قلي بخش ڪي بي رند

ڪي بي رند

ڪي بي رند : سنڌ جي اڳوڻي چيف سيڪريٽري ڪي. بي رند جو پورو نالو قلي بخش ولد حاجي غلام نبي رند آهي. سندس جنم 15 نومبر 1951ع تي نوابشاهه ۾ ٿيو. سندس تعليمي قابليت ايم. اي (آنرز) ۽ ايم. ايس. سي (ڊفينس اسٽريٽجڪ اسٽڊيز) شامل آهن. ڪي. بي. رند، سنڌ جي ڪيترن اهم کاتن ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ ڪيترن کاتن جو سيڪريٽري پڻ رهي چڪو آهي. هن هميشه قانون ۽ ميرٽ جي بالادستي ۽ ڪم جي تڪڙي اڪلاءَ کي ترجيح ڏني.هن سرڪاري ملازمت جو آغاز 1975ع کان ڪيو ۽ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ڪمشنر ٿي رهيو. ان کان سواءِ علمي ۽ ادبي پروگرام پڻ منعقد ڪرائيندو رهيو.ڪي. بي. رند جي سرڪاري ملازمت جو وچور هن ريت آهي:اسسٽنٽ ڪمشنر (يو. ٽي) ميرپورخاص 1975ع؛ ايف. سي. ايم سانگهڙ 1976ع؛ اسسٽنٽ ڪمشنر سانگهڙ 1976ع؛ اسسٽنٽ ڪمشنر حيدرآباد 1978ع؛ اسسٽنٽ ڪمشنر ماتلي 1978ع؛ اسسٽنٽ ڪمشنر ڪوٽڙي، دادو 1979ع؛ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور 1980ع کان 1982ع؛ ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو 1982ع کان 1984ع؛ ڪميونٽي ويلفيئر اٽيچي پاڪستان هاءِ ڪميشن، لنڊن 1984ع کان 1988ع؛ مئنيجنگ ڊائريڪٽر سنڌ سمال انڊسٽري ڪارپوريشن 1988ع؛ ڪشمنر لاڙڪاڻو ڊويزن 1988ع کان 1990ع؛ ڊائريڪٽر انڊسٽري اينڊ منزل ڊيولپمينٽ، حڪومت سنڌ 1990ع کان 1992ع تائين؛ سيڪريٽري ايڪسائيز اينڊ ٽيڪنيشن، حڪومت سنڌ 1992ع کان 1993ع؛ سيڪريٽري ٽو چيف منسٽر سنڌ 1993ع؛ سيڪريٽري ايگريڪلچر اينڊ وائيلڊ لائيف ڊپارٽمينٽ (هوم سيڪريٽريءَ جي اضافي چارج)1993ع کان 1994ع؛ سيڪريٽري تعليم کاتو، حڪومت سنڌ 1994ع؛ جوائنٽ سيڪريٽري، منسٽر آف انڊسٽريز ۽ پراڊڪشن، 1994ع کان 1997ع؛ جوائنٽ سيڪريٽري (وفاق) وزارت داخلا 1998ع کان 1999ع؛ جوائنٽ سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ڊويزن، حڪومت پاڪستان، 2000ع؛ ڊي. جي. پورٽس اينڊ شپنگ، منسٽري آف ڪميونيڪيشن اينڊ ريلويز پاڪستان 2000ع؛ چيف سيڪريٽري سنڌ، 4.7.2002 کان جون 2003ع. ان بعد ڪجهه عرصو بلوچستان جو چيف سيڪريٽري به رهيو. هن 2011ع ۾ رٽائر ڪيو. سندس شمار سنڌ جي قابل، باصلاحيت، ڄاڻو ۽ ايماندار ڪامورن ۾ ٿئي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1951.11.15  عيسوي

سنڌ جي اڳوڻي چيف سيڪريٽري ڪي. بي رند جو پورو نالو قلي بخش ولد حاجي غلام نبي رند آهي. سندس جنم 15 نومبر 1951ع تي نوابشاهه ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

حسين شاهه فاضلاڻي
پيرزادو حاجي محمد
شاهه اسماعيل صوفي ٺٽوي
جان پولن
چنگيز خان
جهونجهار شورو
ليلارام ماکيجاڻي
آر اي شاهه
پير نظام الدين سرهندي
جاگيراڻي برڪت علي جسٽس
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون